ڪراچي: سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان سنڌ جي ٻوڏ متاثر شاگردن جون ساليانو فيون معاف ڪرڻ، ٻوڏ متاثر علائقن جي شاگردن کي فلڊ رليف اسڪالرشپون ڏيڻ، مارڪ شيٽ، پاس سرٽيفڪيٽ ۽ مختلف تعيلمي سرٽيفيڪيٽ مفت ۾ مهيا ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، مرڪزي اڳواڻ نويد عباس ڪلهوڙو، مرتضى چانڊيو، مجاهد بلوچ، سميع ابڙو، اياز صالح پليجو، حميد انقلابي ،نوروز ڪلمتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي اڳيان ھڪ ڏينھن جي احتجاجي بک هڙتال ڪئي وئي. احتجاجي بک هڙتال کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي نااهلي ۽ ناقص انتظامي پاليسي سبب سنڌ هن وقت برساتي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي. ماڻهو گهرن کان دربدر آهن.
سندن گذر سفر جا وسيلا مڪمل طور تباھه ٿي چڪا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي هيٺين طبقي جو شاگرد جيڪو ٻوڏ متاثر علائقن سان واسطو رکندڙ آهي ان لاءِ سنڌ جي تعليمي ادارن جون ڳريون فيون ڀرڻ ناممڪن آهي. سنڌ سرڪار، سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊز جي وزارت توڻي وفاقي سرڪار هنگامي بنيادن تي ان اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڏين ۽ سنڌ جي ٻوڏ متاثر شاگردن جون ساليانو فيون معاف ڪن، جيئن سنڌ جو غريب شاگرد پنهنجي تعيلم جاري رکي سگهي. هنن مطالبو ڪيو ته هنگامي بنيادن تي سنڌ جو وڏو وزير اهو اعلان ڪري ۽ سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي وائس چانسلرز کي پابند بڻائي ته سنڌ جي ٻوڏ متاثر شاگردن جون ساليانو فيون معاف ڪيون وڃن. احتجاجي بک هڙتال ۾ وڏي تعداد ۾ شاگردن شرڪت ڪئي.