اسلام آباد :تحريڪ انصاف وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين وزيرن جي مبينا آڊيو ليڪس جي معاملي جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. تحريڪ انصاف طرفان داخل درخواست ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ ٻين ميمبرن کي ڌر بڻايو ويو آهي. جڏهن ته درخواست سان مبينا آڊيو ليڪس جي ٽرانسڪرپٽ به لڳائي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آڊيو ليڪس ۾ موجوده حڪومت جي بدنيتي واضح آهي. شهباز شريف ۽ ٻين وزيرن پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. آڊيو ليڪس جي انڪوائري ڪري شهباز شريف ۽ ڪابينا خلاف ڪرمنل ڪارروائي ڪئي وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آڊيو ليڪس ۾ درخواستگذار کي سياست کان پري رکڻ لاءِ سازش ڪئي وئي، انهن آڊيو ليڪس ۾ هڪ مجرماڻي سازش تحت درخواستگذار کي ٽارگيٽ ڪيو ويو. آڊيو ليڪس کي وزيراعظم ۽ گهرو وزير تسليم ڪري چڪو آهي. درخواست ۾ راڻا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ ۽ اياز صادق خلاف فوجداري ڪارروائي جي اپيل ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close