اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا جا 2 مريض فوت، 48 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد: نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 11 هزار 718 ڪرونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. ڇنڇر ڏينهن اين آءِ ايڇ طرفان جاري ٽويٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11718 ڪرونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 75 جا ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آيا آهن. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ٽيسٽن جي هاڪاري شرح ٻڙي ڏهائي 64 سيڪڙو رهي آهي. اهڙي طرح ان دوران ڪرونا وائرس جا 2 مريض فوت ٿيا، جڏهن ته 48 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button