اسلام آبادپاڪستان

جنسي هراسمينٽ ڊي جي پيمرا کي برطرف ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي جنسي هراسمينٽ واري ڪيس ۾ ڊائريڪٽر جنرل پيمرا کي ملازمت تان برطرف ڪرڻ سميت 25 لک رپيا ڏنڊ جو حڪم ڏنو آهي. صدر طرفان ڪم واري هنڌ تي هراسمينٽ جي روڪٿام بابت وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي “ملازمت تان برطرفي” جي وڏي سزا برقرار رکندي، ڏنڊ وڌائي 20 مان 25 لک رپيا ڪري ڇڏيو. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب پنهنجي حڪم ۾ صدر مملڪت چيو ته اهو ثابت ٿي چڪو ته عورت ملازم کي جوابدار طرفان زباني، فحش، جنسي ۽ توهين جوڳن تبصرن ۽ ناجائز مطالبن ذريعي هراسان ڪيو ويو. هن چيو ته جڏهن اهڙا ڪيس سامهون ايندا آهن ۽ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ثابت ٿين ته قانون جو پوري طاقت سان استعمال ڪندو آهيان. صدر چيو ته عورتن لاءِ محفوظ ماحول کي يقيني بنائڻ لاءِ اهڙا قدم ضروري آهن، هراسمينٽ جي خوف جي ڪري عورتن جي دٻجي ويندڙ اقتصادي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ لاءِ اهڙا قدم ضروري آهن. ڊاڪٽر عارف علوي عورت کي ملندڙ رقم جوابدار جي پگهار جي بقايائن، پينشن جي رقم يا ڪنهن ٻئي ذريعي (ملڪيت) مان وصول ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. هن چيو ته ڪم واري هنڌ تي هراسمينٽ جي روڪٿام واري ايڪٽ تحت 25 لک روپين جي رقم عورت کي جوابدار هٿان مشڪلات جي بدلي معاوضي طور ڏني وڃي. جوابدار ڪيس جي ڪارروائي دوران به فريادي عورت خلاف درخواست دائر ڪري کيس هراسان ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته جوابدار عورت ملازم کي شديد ذهني اذيت ڏني ۽ سندس ساک کي داءُ تي لڳايو. جوابدار جو فعل واضح مثال آهي ته ڪهڙن طريقن سان عورتن جي حوصله شڪني ڪئي ويندي آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هراسمينٽ جي رپورٽ ٿيندڙ ڪيسن جو انگ معاشري ۾ ٿيندڙ بحث جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي، عورتون امڪاني هراسمينٽ جي ڪري آزاداڻي نموني ڪم ڪرڻ کان لاچار آهن، سندن لاءِ عوامي جايون گهٽ ڪيون ويون آهن ۽ انهن کي ڪڏهن ڪڏهن تعليمي موقعن کان به محروم رکيو وڃي ٿو. هن چيو ته ڪجهه والدين تعليمي ادارن ۾ امڪاني هراسمينٽ واري خوف جي ڪري کين صرف ڇوڪرين جي ادارن ۾ تعليم ڏيارڻ کي ترجيح ڏين ٿا جنهن جي ڪري معاشري ۾ عورتون گهڻي ڀاڱي گهٽ تعليم يافته آهن. هن چيو ته عورتنن کي ملازمت ۾ ترقي جي وقت به متڀيد واري سلوڪ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جڏهن ته اسلام عورتن کي تمام گهڻي عزت ڏني آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته آئين مطابق زندگي جي سمورن شعبن ۾ عورتن جي شرڪت لاءِ راهه هموار ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button