اسلام آبادپاڪستان

عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا وارنٽ جاري

اسلام آباد :تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. مارگلا ٿاڻي جي علائقائي مئجسٽريٽ عورت مئجسٽريٽ زيبا چوڌري کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. وارنٽ مارگلا ٿاڻي ۾ 20 آگسٽ تي داخل ڪيل ڪيس ۾ جاري ڪيا ويا. ڪيس ۾ عمران خان خلاف قلم 506/504 ۽ 189/188 لڳل آهي، عمران خان خلاف مارگلا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جو نمبر 407 آهي. ڪيس ۾ قلم 506 ڌمڪي جوڳي بيان تي داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف عورت جج بابت نامناسب لفظ استعمال تي توهين عدالت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو. عمران خان طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل حلفي بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل شنوائي تي عدالت سامهون جيڪو چيو، ان تي مڪمل عمل ڪندس، عدالت اطمينان لاءِ وڌيڪ ڪجهه چوندي ته ان تي وڌيڪ عمل لاءِ به تيار آهيان. حلفي بيان ۾ عمران خان چيو آهي ته شنوائي دوران احساس ٿيو ته 20 آگسٽ جي تقرير ۾ شايد ريڊ لائن ڪراس ڪئي. جيڪڏهن جج کي اهو تاثر مليو ته ريڊ لائن ڪراس ٿي ته معافي گهرڻ لاءِ تيار آهيان. عمران حلفي بيان ۾ لکيو آهي ته تقرير ۾ جج کي ڌمڪي ڏيڻ جو ارادو نه هو، ايڪشن وٺڻ مان مراد ليگل ايڪشن کانسواءِ ڪجهه نه هو. 26 سال عدليا جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجهد ڪئي. واضح رهي ته عورت جج خلاف ريمارڪس تي توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي چيو هو ته عورت جج کان ذاتي حيثيت ۾ معافي گهرڻ لاءِ تيار آهيان.گذريل ڏينهن عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيو هو ۽ ريڊر سان ڳالهائيندي چيائين ته جج زيبا چوڌري صاحبه کي ٻڌائجو ته عمران خان معافي گهرڻ آيو هو. ٻئي طرف گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ تي معاملي تي اسلام آباد پوليس جو بيان سامهون اچي ويو. اسلام آباد پوليس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گرفتاري وارنٽ هڪ قانوني عمل آهي، عمران خان گذريل پيشي تي عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو، سندس پيشي يقيني بڻائڻ لاءِ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا آهن. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته معزز عدالت عاليا ڪيس نمبر 22/407 مان دهشتگردي جو قلم خارج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، ان حڪم کانپوءِ اهو ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪيو ويو. عمران خان سيشن ڪورٽ مان به اڃا تائين ضمانت نه ڪرائي، پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ کيس گرفتار ڪري سگهجي ٿو. اسلام آباد پوليس عوام کي درخواست ڪئي آهي ته افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله جو چوڻ آهي ته گرفتاري جو ڪو به ارادو ناهي، هي ضمانت جوڳي ڪيس ۾ معمول جا وارنٽ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button