پاڪستان

نواز شريف سائفر معاملي تي پارٽي کي سخت ردعمل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف سائيفر واري معاملي تي پنهنجي پارٽي کي عمران خان سميت پوري تحريڪ انصاف خلاف سخت ۽ جارحاڻي ردعمل جي هدايت ڪئي آهي. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف هدايت ڪئي آهي ته نواز ليگ سائيفر جي معاملي تي عدالت کي آگاهه ڪري ته رياست خلاف تمام وڏي سازش ٿي آهي، اليڪٽرانڪ، پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي عمران خان جي ڪوڙي موقف جا پول پڌرا ڪيا وڃن. نواز شريف اها پڻ تاڪيد ڪئي ته حڪومتي ۽ پارٽي سطح تي سائيفر جي معاملي تي واضح موقف اختيار ڪيو وڃي ته پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پارٽي عهديدار ۽ وفاقي وزير سائفر جي ڪوڙي ڪهاڻي تي باضابطا پريس ڪانفرنس ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button