ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ريلوي ٽريڪ جو مرمتي ڪم مڪمل ٿي ويو، پاڪستان ريلوي اڄ 2 سيپٽمبر کان مسافر ريل گاڏيون بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڳيئي روهڙي تائين بحال ڪيل خيبر ميل ۽ رحمان بابا ايڪسپريس کي 2 سيپٽمبر کان روهڙي بدران ڪراچي تائين هلايو ويندو، 5 آڪٽوبر کان لاهور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ هلندڙ قراقرم ايڪسپريس، ڪراچي ايڪسپريس ۽ پاڪ بزنس ايڪسپريس ٽرينون به بحال ٿي وينديون. ريلوي اختياري موجب لاهور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ هلندڙ ريل گاڏين جو سراسري وقت ڪجهه وڌيڪ رکيو ويو آهي، جنهن جو جائزو سفر دوران وٺي 30 ڏينهن بعد ۾ آهستي آهستي گهٽتائي آندي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close