اسلام آبادپاڪستان

عمران سڳ سوڌو پڪڙيو ويو ته سائفر ئي گم ڪري ڇڏيو:مريم نواز

اسلام آباد : (ن) ليگ جي اڳواڻ مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هڪ ته جعلسازي ڪئي ۽ پوءِ ان ڊپ وچان ته پڪڙجي نه پوان، پو سائفر ئي گم ڪري ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار مريم نواز مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سائفر گم ٿيڻ جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو ته هي سائفر رڳو هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو نه آهي پر رياست پاڪستان جي امانت آهي. قومي امانتن ۾ خيانت ڪري رياست جي مفادن کي پائمال ڪندڙن کي عبرت جو نشان بنائڻ گهرجي ته جيئن ٻيهر ڪنهن فارن ايجنٽ کي ڊالر جي عيوض سياسي ويس مٽائي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي جرئت نه ٿئي. ثبوت سميت پڪڙيو ويو ته مون کان سائفر گم ٿي ويو. مريم نواز مون کان سائفر گم ٿي ويو جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button