اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آ جي فورم تان اخلاق جو جنازو نڪرندو پيو وڃي:شيري رحمان

اسلام آباد : وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عورتن کي حراسان ڪرڻ واري عمل تي اسان کي هر فورم تي مذمت ڪرڻ گهرجي. ڪوبه مهذب معاشرو عورتن کي حراسان ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي. اسان ڪنهن گارگند برگيڊ کي فروغ نٿا ڏئي سگهون. جيڪو مريم اورنگزيب سان ٿيو اهو ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو. تحريڪ انصاف کي اهڙن واقعن کي هٿي ڏيڻ بدران انهن واقعن جي مذمت ۽ ٻنجو ڏيڻ گهرجي. وفاقي وزير شيري رحمان عورتن جي خلاف حراساني جي وڌندڙ واقعن جي عنوان سان ٿيندڙ تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪيو. تقريب جو اهتمام سي پي اين اي ۽ فورٿ پلر پاران ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته مان شهيد بينظير ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو جي پارٽي سان تعلق رکان ٿي جتي حراسان ڪرڻ جو ڪوئي سوچي نٿو سگهي. شيري رحمان چيو ته عورتن جي خلاف استحصال تي آصف علي زرداري سخت ايڪشن وٺي ٿو. مان عورتن جي جدوجهد تي وومينز پلينگ ڪتاب لکيو آهي. شيري رحمان چيو ته پاڪستان جي 49 سيڪڙو آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، ڪنهن به بحران جو سڀ کان خراب اثر عورتن تي پوي ٿو. پاڪستان جي معيشت عورتن جي ڪري ئي هلي ٿي. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي فورم تان اخلاق جو جنازو نڪرندو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button