اسلام آبادپاڪستان

عورت جج کي ڌمڪي واري ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي منظوري جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني لکت حڪم نامو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 7 آڪٽوبر تائين عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي ٿي. هو 7 آڪٽوبر کان پهريان لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿئي. عدالت چيو ته 7 آڪٽوبر تي هن عدالت جو فيصلو غير موثر ٿي ويندو. عمران خان جي ذاتي حيثيت ۾ پيشي کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وڃي ٿي. عدالت چيو ته وڪيل مطابق مئجسٽريٽ بغير نوٽيس وارنٽ جاري ڪيا. وڪيل جو موقف آهي ته عمران خان ڪيس جي پيروي لاءِ تيار آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکت حڪم نامي ۾ چيو ته وڪيل مطابق هن ڪيس ۾ لڳل سمورا قلم ضمانت جوڳا آهن. وڪيل چيو ته اهڙِين حالتن ۾ پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، سندس گهر کي پوليس گهيري ۾ ورتو آهي. عدالت چيو ته وڪيل مطابق اهو ئي سبب آهي جو عمران خان عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي، سندس ذاتي حيثيت ۾ پيشي کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button