سنڌ

ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا ڪوششون ڪيون پيون وڃن:شازيه مري

غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير شازيه عطا مري آچر ڏينهن سندس قومي اسيمبلي جي اباڻي تڪ اين اي 216 سانگھڙ جي سنجھورو ۽ سانگھڙ تعلقي جي مختلف ڳوٺن جو تفصيلي دورو ڪري ٻوڏ جي پاڻي صورتحال، رليف ۽ بحالي وارن ڪمن جو جائزو ورتو. تفصيل موجب وفاقي وزير سندس تڪ جي يونين ڪائونسل 35 ۽ 36 جي مختلف ڳوٺن جن ۾ ڪريم داد مري، امام بخش ٽالپر، دل شاخ، ٻوبي، قيصر خان جلالاڻي، ناصر خان جلالاڻي، محمد حاصل مري، پيرو مل ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري ٻوڏ جي پاڻي واري صورتحال ۽ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ ڳوٺ امام بخش ٽالپر ۽ نواز ملوڪاڻي وٽ سم نالن جو پڻ معائنو ڪيو. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير کي لاڳاپيل عملدارن سانگهڙ ۾ پاڻي جي مجموعي صورتحال ۽ امدادي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ته ڪجهه علائقن ۾ بيٺل پاڻي جي تيزيءَ سان نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي, جڏهن ته وفاقي وزير ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪندي انهن کان ورهايل امدادي سامان بابت پڻ معلوم ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو ته سانگهڙ ضلعو تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته لکين ماڻهو متاثر پڻ ٿيا آهن. شازيه مري جو چوڻ ھو ته سانگهڙ ضلعي جي هزارين ٻوڏ متاثرن ۾ راشن، خيما، ترپال ۽ مڇر دانيون فراهم ڪيو ويون آهن. ھن چيو ته ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي بحالي لاءِ هرممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button