پي پي پي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ نئين اڳڪٿي ڪندي چيو آھي ته هلندڙ مھينو آڪٽوبر ۽ نومبر انتهائي خطرناڪ آهن، ملڪ ۾ نيون چونڊون 2023ع ۾ ٿينديون، پر اهو به امڪان آهي ته اليڪشن هڪ سال تائين پوئتي ٿي وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته هاڻي پراڻا چهرا ٿورو آرام ڪندا ۽ نوان چهرا مختلف جيلن ۾ ويندا، ڪجهه ته خيرپور جيل ۾ ايندا پر انهن جي خدمت مان ڪندس. منظور وساڻ چيو ته ملڪ ۾ هاڻي ڪيترائي راز پڌرا ٿيندا، حڪومت به سرگرم ٿيندي ۽ اسٽيبلشمينٽ به سرگرم ٿيندي، اليڪشن ٿئي ته صاف ۽ شفاف ٿئي ۽ مدو به پوري ٿئي، جمھوريت کي به نقصان نه پھچي. منظور وساڻ جو آڊيو ۽ ويڊيو ليڪس بابت چوڻ ھو ته مون اڳ ئي چيو هو ته وڪي ليڪس کان بعد ڪيتريون ئي آڊيو ۽ وڊيوز ليڪس ٿينديون، جيڪي هاڻي هر ڪو ڏسي رهيو آهي،اسحاق ڊار واپس اچي ويو آھي ته ھاڻي ٻيا به واپس اچي ويندا، ٻاھر ڪوئي نه رھندو، هن جي واپسي جو جواز بڻائي سڀ واپس ايندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close