پاڪستان

ريلوي وزارت سفر ويتر مهانگو ڪري ڇڏيو،ڀاڙن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو

پاڪستان ريلوي مسافرن لا ٽرين جو سفر ويتر مهانگو ڪري ڇڏيو، مختلف ريل گاڏين جي اڪانومي کان بزنس ڪلاس تائين جو ڀاڙو 3 هزار کان 11 هزار رپين تائين مقرر ڪيو ويو، ڪراين ۾ اهو اضافو 2 سيپٽمبر کان وٺي لاڳو آهي. پاڪستان ريلويز طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڪراچي کان لاهور رستي پشاور ويندڙ خيبرميل ٽرين جي ايئر ڪنڊيشنڊ (اي سي) ڪلاس جو ڀاڙو 11 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، اي سي اسٽينڊرڊ ڪلاس جو ڀاڙو هاڻي 7 هزار رپيا ورتو ويندو. قراقرم جو اڪانومي ڪلاس جو ڪرايو 3 هزار رپيا، لاهور کان ڪراچي وچ ۾ هلندڙ ڪراچي ايڪسپريس جو اي سي سليپر جو ڀاڙو 9 هزار هزار ٿي ويو، جڏهن ته ساڳئي ٽرين جي اڪانومي ڪلاس ۾ هاڻي سيٽ 3 هزار رپين ۾ ملي سگهندي. رحمان بابا ايڪسپريس جي اي سي بزنس ڪلاس جو ڀاڙو 7 هزار رپيا، اي سي اسٽينڊرڊ ڪلاس جو ڪرايو وڌائي 5 هزار رپيا ڪيو ويو، ساڳئي ريل گاڏي جي اڪانومي درجي جو ڀاڙو به هاڻي 3 هزار رپيا في سيٽ وصول ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن مطابق پاڪ بزنس ايڪسپريس ۾ اي سي بزنس ڪلاس جو ڀاڙو 7 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button