سنڌ

ڄامشوري ۾ ٻوڏ متاثرن لائي ترڪي حڪومت پاران تنبو ڳوٺ قائم

ڄامشوري ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ترڪي حڪومت پاران طيب اردگان جي نالي سان تنبو ڳوٺ قائم ڪيو ويو، پاڪستان ايئر فورس جي ٻولهاڙي واري اڏي ويجهو قائم ڪيل تنبو ڳوٺ جو افتتاح ترڪي جي قونصليٽ جنرل جمال سانگو، ايئر فورس جي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ ڏکڻ ريجن زعيم افضل خان ۽ ٻين ڪيو. ان موقعي تي ترڪي جي قونصليٽ جنرل جمال سانگو جو چوڻ هو ته اسان پاڪستاني ڀائرن کي مشڪل گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. ڇاڪاڻ ته اسان ٻه الڳ ملڪ ۽ هڪ ٻئي کان پري ضرور آهيون پر پاڻ هڪ قوم ۽ ڀائر آهيون، صدر طيب اردگان جي خاص هدايتن تي هن وقت تائين ترڪي حڪومت کاڌ خوراڪ جو سامان ۽ تنبو افاد جي تعاون فراهم ڪيا ويندا، جنهن ۾ اڍائي لک راشن جا بيگ ورهايا آهن جنهن ۾ 14 ڪارگو جهاز ۽ 13 مال بردار ٽرينون سامان کڻي پهتيون آهن، باقي سامان جو 15هون ڪارگو جهاز 3 آڪٽوبر سومر ڏينهن ايندو، جيڪو سامان سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ورهايو ويندو. ان کان اڳ ايئر فورس جي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ زعيم افضل خان چيو ته ملڪ ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن جي مدد لاءِ پوري ملڪ سوڌو سنڌ ۾ الڳ الڳ زون قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڏي تباهي سنڌ ۾ آئي آهي. هن چيو ته روڊ تي ويٺل ٻوڏ متاثر وڌيڪ سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن پر اصل حقدار اهي جيڪي پنهنجي ڳوٺن ۽ گهر ۾ موجود آهن جن تائين ڪو حڪومتي ادارو نٿو پهچي سگهي جتي پاڪ فوج جا جوان وڃي انهن کي کاڌ خوراڪ ڏئي رهيا آهن جنهن ۾ اسان سان گڏ حڪومتي ادارا ۽ سماجي رضاڪار گڏ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button