سنڌ

سنڌ حڪومت جو ڪراچي ۾ مڪاني چونڊ روڪرائڻ لا اليڪشن ڪميشن کي خط

سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي ته صوبي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي. سنڌ حڪومت جي خط ۾ سنڌ پوليس طرفان گهرو کاتي کي لکيل خط کي بنياد بڻايو ويو آهي. واضح رهي ته سنڌ پوليس به ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ سيڪيورٽي ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. اي آءِ جي آپريشنز حيدر رضا طرفان گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ اپيل ڪئي وئي ته 23 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جو ٽيون مرحلو ٿيڻو آهي پر ان لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ممڪن ناهن. خط ۾ چيو ويو ته ڪراچي پوليس جي پنهنجي نفري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻين ضلعن مان جيڪا نفري ملڻي هئي، نجي سيڪيورٽي گارڊ ممڪن ناهي ته ڪراچي پوليس کي ملي سگهن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سيڪيورٽي لاءِ جيڪا رٿابندي ڪئي وئي هئي، ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ساڍا 16 هزار اهلڪارن جي کوٽ آهي، جنهن سبب ڪراچي پوليس لاءِ انتظام ڪرڻ ناممڪن آهي. صوبائي گهرو کاتي کي اپيل ڪئي وئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينن لاءِ چونڊن کي ملتوي ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين سان اهو معاملو اٿاريو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button