اسلام آبادپاڪستان

ڊيل تحت حديبه پيپر وانگر ايون فيلڊ ڪيس به ختم ٿي ويندو: شيخ رشيد

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اسحاق ڊار ۽ مريم نواز جي ڊيل جي قوم ڄاڻي ٿي ۽ نومبر ۾ اڃا وڌيڪ به سمجهه ۾ اچي ويندو، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشيد لکيو ته 74 وزيرن جي فوج جنهن ۾ 22 بي کاتا آهن، اهي وڊيو آڊيو ليڪس کيڏي رهيا آهن، ڊيل تحت حديبه پيپر وانگر ايون فيلڊ ڪيس به ختم ٿي ويندو. عوام جو مسئلو بجلي، گئس اٽو ۽ مهانگائي آهي، سائفر نه آهي، 12 ربيع الاول کانپوءِ پاليٽڪس آف ليڪس ختم ٿيندي ۽ سياست گرم ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button