اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي معيار تي عمل ڪندڙ ٽاپ 10 ملڪن ۾ شامل

اسلام آباد: پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي معيار تي عمل ڪندڙ ٽاپ 10 ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا قوي امڪان آهن. ايڪسپريس نيوز موجب ايف اي ٽي ايف جو اجلاس 17 آڪٽوبر کان 21 آڪٽوبر تائين ٿيندو. ذريعن موجب پاڪستان جو 21 آڪٽوبر تي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جوی امڪان آهي، ڇو ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪري چڪو آهي.

ايف اي ٽي ايف جي ٽيم آگسٽ جي آخري هفتي کان سيپٽمبر جي پهرين هفتي تائين پاڪستان جو دورو ڪيو هو. ذريعن موجب ايف اي ٽي ايف جي ٽيڪنيڪل ٽيم پاڪستان جي عملن کان مطمئن ٿي واپس وئي هئي ۽ ٽيم سمورن لاڳاپيل اختيارين سان ملاقات ڪئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف اي ٽي ايف جي نظرثاني ٽيم جو مقصد ضابطن تي عملدرآمد لاءِ سياسي خواهش جو اندازو لڳائڻ آهي. ايف اي ٽي ايف اجلاس جي پڄاڻي تي 21 آڪٽوبر تي پيرس ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button