ڇاڇرو: ڇاڇرو پوليس ڇوڪري سان زيادتي ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. کٽو مل جيوڻ ۽ غلام حيدر سميجو متاثر ڇوڪري جي گهر پهچي ڄاڻ ورتي. ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ ڇاپر دين شاهه ۾ گذريل ڏينهن نوجوان ڇوڪري کي گهر مان اغوا ڪري مبينا اجتماعي ڏاڍائي ڪرڻ واري واقعي بعد وڏي وزير جي خاص معاون ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ ۽ ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو متاثر ڇوڪري جي گهر پهتا ۽ ڄاڻ ورتي. زيادتي جو شڪار ڇوڪري جي وارثن صوبائي صلاحڪار اڳيان سخت احتجاج ڪيو. وارثن دانهيندي چيو ته ٻن اوباش نوجوانن رات جي وقت ۾ گهر ۾ گهڙي زبردستي نينگري کي اغوا ڪري جهنگ ۾ زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن کانپو کينسر ٿاڻي تي ٻن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو. هنن الزام مڙهيندي چيو ته ڏوهه ۾ استعمال ٿيل گاڏي به جوابدارن پوليس جي مدد سان عمرڪوٽ موڪلي ڇڏي آهي. ان موقعي تي خاص معاون ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ وارثن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته توهان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، انصاف ڏياريو ويندو، جوابدارن کي ضرور سزا ڏياري ويندي. ذريعن موجب پوليس جوابدارن جي هڪ سهولتڪار سلام بجير جي لانگ چيچس جيپ ۽ ٻن ٻڪرين کي ٿاڻي تي کڻي آئي آهي. هوڏانهن پوليس ڇاپا هڻي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي عمرڪوٽ ۾ زيادتي واقعي خلاف ميگهه سماج سٿ جي سڏ تي ايس يو پي اڳواڻ حاجي ساند، تيرٿ ساجن ميگھواڙ، اشوڪ ڪمار، مھيش ڪمار، ھيمراج نجار، ڏيون ڪمار، دليپ ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close