پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ موٽرسائيڪل کڏ ۾ ڪري پئي، 2 پيرسن فوت

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر شھر جي بلوچ پاڙي ۾ ٺھيل پل تان موڙ ۾ موٽرسائيڪل 30 فوٽ اونھي کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن سبب پيرسن فوت ٿي ويو. ننگرپارڪر واسي 60 سالن جو پيرسن امام بخش ڪپري ۽ جھڏو جو رھواسي مھمان ٿي آيل 60 سالن جو حسن علي شاهھ بلوچ پاڙي ۾ ڀٽياڻي ندي تي ٺھيل پل ڀرسان موڙ ڪاٽيندي پل مٿان موٽرسائيڪل سميت 30 فوٽ اونھي کاھي ۾ ڪري زخمي ٿي پيا، جن کي ماڻهن ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو، جتي زخمي امام بخش ڪپري فوت ٿي ويو، ٻئي زخمي پيرسن کي مٺي ريفر ڪيو ويو، پر رستي ۾ اهو به فوت ٿي ويو. مھمان ٿي آيل جھڏي واسي فوت ٿيل علي حسن شاھه جو لاش وارث جھڏو کڻائي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button