پاڪستانسنڌ

ٺٽُو لڳ ڊاٽسن ۽ ھاءِ روف ۾ خوفناڪ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 14 زخمي

ٺٽو: ٺٽي ڀرسان چليا وٽ قومي شاھراھه تي ڊاٽسن ۽ ھاءِ روف ۾ خوفناڪ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. خبر موجب ٺٽُو-حيدرآباد قومي شاهراھي تي چليا وٽ ٻن گاڏين ھاءِ روف ۽ ڊاٽسن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٺٽي جو رھواسي محمد بچل منڇري ۽ ٽنڊي محمد خان جو رھواسي محمد اقبال سومرو ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

جڏهن ته اطلاع تي 1122 ريسڪيو ايمولنيسز جا رضاڪار ۽ علائقي واسي پهچي ويا، جن گاڏين ۾ ڦاٿل لاشن ۽ زخمين کي ڪڍي سول اسپتال ٺٽو پهچايو. حادثي ۾ مير حسن، محمد رحيم، شھزاد، اشرف ملاح، جاويد ملاح سميت 14 زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور علاج لا حيدرآباد موڪليو ويو، جتي ڪجھه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وچي. حادثي ۾ فوت ٿي ويل اقبال سومرو ٽنڊي محمد خان جو رھواسي آھي، جيڪو پان جو واپاري ھو، ٽنڊي محمد خان مان ٺٽي اچي رھيو ھو ته حادثي ۾ فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button