اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبي ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 21950 خاندانن کي راشن بيگز فراهم ڪيا ويا آهن. مجموعي طور تي 1271667 خاندانن ۾ راشن بيگز ورهايا ويا آهن. پنهنجي هڪ پريس بيان ۾ هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ متاثرن ۾ وڌيڪ 16550 خيما، 17500 ترپال، 18000 مڇر دانيون، 7278سولر لائٽس ۽ 5600 جانورن جون مڇردانيون ورهايون ويون. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ دادو ۾ 400 خاندانن کي راشن بيگز، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 2000، لاڙڪاڻي ۾ 3000، نوشهروفيروز ۾ 2500، حيدرآباد 2000، ٽنڊو الهيار ۾ 1200، ميرپورخاص 2000، خيرپور ميرس ۾ 500، سانگهڙ 2250، نوشهروفيروز 4000، ميرپور خاص 2000 ۽ ٻين ضلعن ۾ متاثر خاندانن ۾ راشن بيگز ورهايا ويا آهن. ھينئر تائين متاثرن کي 437872 خيما، 452938 پلاسٽڪ ترپال ، 2846973 مڇردانيون، 790998 ليٽر منرل واٽر، 54666 ڪچن سيٽس ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت متاثر علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال تي فوڪس ڪري رهي آهي. ان ڏس ۾ وزيراعليٰ سنڌ روزانو آبپاشي کاتي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سان پاڻي جي نيڪال بابت اجلاس ڪري رهيو آهي، جڏهن ته متاثرن جي نئين سر بحالي جو مرحلو به شروع ٿي ويو آهي، متاثر علائقن ۾ نقصانن جي سروي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير تي سنڌ حڪومت اربين روپيا خرچ ڪندي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ جو سلسلو جاري آهي، ضلعي انتظاميا رليف ڪيمپن مان گهرن ڏانهن واپس موٽندڙ متاثرن کي ٽرانسپورٽ ۽ راشن پڻ فراهم ڪري رهي آهي. ھن چيو رليف ڪيمپن ۾ اڃا 354249 متاثر ترسيل آھن، جن ۾ 113728 ٻار ۽ 87263 عورتون شامل آهن. رليف ڪيمپس ۾ متاثرن کي ٻه وقت جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سنڌ درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن بابت شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 59400 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم وھڪرو 48900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 47100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 356000 ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي آمد 103000 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ 72700 ڪيوسڪ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close