اسلام آبادپاڪستان

فوج خلاف مهم هلائيندڙ اڪائونٽس تي پي ٽي آءِ جا جهنڊا ۽ نشان

اسلام آباد:لسٻيلا هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ پاڪ فوج جي شهيدن خلاف مهم جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. دستاويز موجب پاڪ فوج جي شهيدن خلاف مهم تي ايف آءِ اي جي جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ ڪُل 580 اڪائونٽن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، 178 اڪائونٽن تي پي ٽي آءِ جو جهنڊو يا نشان موجود هئا. ايف آءِ اي دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 18 ڀارتي اڪائونٽ پڻ شهيدن خلاف مهم ۾ شامل هئا، سڃاڻپ ٿيل اڪائونٽس جو انگ 168 ۽ جعلي اڪائونٽ جو انگ 238 آهي. دستاويز موجب 123 اڪائونٽس جي سڃاڻپ نادرا کي سونپي وئي آهي، 33 اڪائونٽس ٻين ملڪن مان هلايا پئي ويا. دستاويز ۾ چيو ويو آهي، ايف آءِ اي پاڪ فوج خلاف مهم هلائيندڙ 234 اڪائونٽس جي سڃاڻپ ڪئي. گوجرانوالا ۾ 12 انڪوائريز مان 6 ڪيس داخل ۽ پنج ڄڻا گرفتار ٿيا. دستاويز موجب فيصل آباد جي ست انڪوائريز ۾ چار ڪيس داخل ۽ چار ڄڻا گرفتار ٿيا. جڏهن ته لاهور جي 7 انڪوائريز ۾ ٻه ڪيس ۽ 2 ماڻهو گرفتار ٿيا ۽ چار نوٽيس جاري ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button