اسلام آباد : آڊيو ليڪس واري معاملي تي 12 رڪني اعليٰ اختيارن واري جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه معلوم ٿيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف آڊيو ليڪس معاملي تي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ 12 رڪني اعليٰ اختيارن واري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اعليٰ اختيارن واري ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب وفاقي وزير شيري رحمان، اعظم نذير تارڙ، اسد محمود ۽ امن الحق شامل آهن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي ۾ انٽرسروسز انٽيليجينس (آءِ ايس آءِ) جو ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ۽ انٽيليجينٽس بيورو (آءِ بي) جو ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) به شامل آهن پر ڪميٽي ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نمائندگي سندس نامزد نمائندو به ڪري سگھي ٿو. نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي وزيراعظم هائوس ۾ سائبر سيڪيورٽي جي ڀڃڪڙي جي جاچ ڪندي ۽ ڪميٽي جاچ 7 ڏينهن ۾ پوري ڪندي. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪميٽي وزيراعظم هائوس ۾ هاڻوڪي سيڪيورٽي پروٽوڪول جو جائزو وٺندي ۽ وزيراعظم هائوس ۾ فول پروف سيڪيورٽي ۽ ڊجيٽل ايڪو سسٽم يقيني بڻائيندي. ان کانسواءِ ڪميٽي وزيراعظم هائوس ۾ اي سيفٽي نطام جو ٻيهر جائزو وٺندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي وزيراعظم هائوس ۾ ڊيٽا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سفارشون به ڏيندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي وئي ته هو عمران خان جي وڊيو سائيفر بابت تفصيلي جاچ ڪري. اعليٰ اختياري ڪميٽي آڊيو ليڪس بابت انڪوائري ڪندي ۽ سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي. ڪميٽي جاچ دوران وزيراعظم هائوس ۽ دفاعي ادارن سميت ٻين سرڪاري آفيسن جي سيڪيورٽي جو به جائزو وٺندي. جڏهن ته سائبر سيڪيورٽي جي ڀڃڪڙي جي سمورن رخن جي جاچ ڪندي. جنهن بعد ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ مستقبل ۾ وزيراعظم هائوس کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي سلامتي ڪميٽي آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ اعليٰ اختيارين واري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close