سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ باڊهه واسي پورهيت جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باڊهه جي تقي شاهه پاڙي جي رهواسي پورهيت بااثر جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت عبدالشڪور جهتيال دانهيندي چيو ته گذريل ڇنڇر رات ساڍي نائين وڳي ڪرڪيٽ مئچ ڏسي گهر وڃي رهيو هيس ته رستي ۾ بااثر علي زهري مون کي تشدد جو نشانو بڻائي ڏاڙهي پٽي تذليل جو نشانو بڻايو، جڏهن ته اهڙي دانهن مان باڊهه ٿاڻي تي ڏئي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس هن وقت تائين بااثر شخص خلاف ڪا ڪاروائي ناهي ڪئي، جنهن ڪري مونکي بااثر مان جان جو خطرو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثر خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button