سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي ايجوڪيشن ورڪس انجنيئر جي گهران ڦرلٽ

لاڙڪاڻي جي سچل ٿاڻي جي حد سچل ڪالوني ۾ اڱاري رات دير سان نامعلوم هٿياربند ايجوڪيشن ورڪس قمبر جي اسسٽنٽ انجنيئر شاهه محمد انصاري جي گهر ۾ گهڙي سمورن گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي هٿيارن جي زور تي 2 لک رپيا روڪ رقم، 2 تولا سونا زيور، 6 موبائيل فونيون، هڪ رپيٽر، 50 ڪارتوس ۽ ٻيو قيمتي کڻائي ويا. مزاحمت تي هٿياربندن گهر ڀاتين مٿان تشدد ڪري بعد ۾ گهر کي ٻاهران تالو هڻي فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا. ان حوالي سان متاثر اسسٽنٽ انجنيئر شاهه محمد انصاري ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته ڌاڙي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سونا زيور، روڪ رقم، موبائيل فونون ۽ ٻيو سامان واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button