سنڌ

ڊکڻ ۾ نوجوان پاڻ تي فائر ڪري مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي

ڊکڻ جي سجاد ڪالوني جو رهواسي نوجوان فراز سانگهرو پاڻ مٿان مبينا پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. نوجوان مبينا گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال آندو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. ان حوالي سان وارثن ٻڌايو ته نوجوان فراز گهر ۾ اڪيلو هو واقعو خودڪشي آهي يا ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ تان پيش آيو آهي. نوجوان ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جو شوقين هو، واقعي جي صحيح طرح ڪا خبر نٿي پوي. ٻئي طرف ڊکڻ پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي، خودڪشي ڪرڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لا واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button