سنڌ

سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد جو مطالبن جي مڃتا لائي پيادل مارچ

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن مطالبن جي مڃتا لا سينٽر لائبريري کان 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڄامشورو ڦاٽڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي ته شاگرد جدوجهد اڳواڻ جانب وساڻ، زيب جتوئي، فدا پنهور، انتظار روڌناڻي، آمر آڪاش لاکو، مونس اياز، دريا خان پنهور، فرقان پنهور، ذاڪر زرداري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي مسئلن جي حل لا پرامن ٻن هفتن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪير نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. ھنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل سمورا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ وڌيڪ لائحي عمل جوڙي تحريڪ کي تيز ڪيو ويندو. شاگردن جي احتجاجي ريلي ڄامشورو شھر ۾ پھچڻ دوران ايس يو پي اڳواڻ محمد بخش مري پاران سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن طرفان ڪڍيل پيادل مارچ جو سنڌ يونيورسٽي سي اين جي وٽ استقبال ڪيو ۽ شاگردن مٿان گلن جي ورکا ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button