سنڌ

ڄامشورو ۾ استاد حيدري واقعي خلاف احتجاج

ڄامشورو جي شھرين ۽ سڄاڻ ڌرين احتججي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نادر سهارڻ، عابد سهارڻ، ثمر سهارڻ، ذوالفقار سهارڻ، لياقت سهارڻ ۽ سرمد سهارڻ جي اڳواڻي ۾ مينا مسجد کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. هنن دانهيندي چيو ته حيسڪو جي لائن مين منير ڪولاچي ۽ احسان لنڊ شھري منظور سهارڻ المعروف استاد حيدري جي موت جا ذميوار آھن، جن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، واپڊا عملدارن حيدري منظور علي سهارڻ کي ڌمڪايو ۽ حراسان ڪيو جنهن ڪري هن جو موت واقع ٿيو. ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻ ساگر عالماڻي، رحيم جمالي، محمد علي گهانگهرو، پيربخش سهارڻ، اين بي کوسو، ديدار ڀلائي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪري ايف آ آر داخل ڪرڻ ساگڏ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ايندڙ هفتي کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button