اسلام آبادپاڪستانسنڌ

سپريم ڪورٽ جج ڪميٽين کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ مداخلت ۽ ڪنٽرول کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ ججن تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙڻ وارو حڪم معطل ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي ڪميٽين کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري ڪم ۾ مداخلت ۽ ڪنٽرول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان دوران عدالت سنڌ حڪومت جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي واري درخواست رد ڪري ڇڏي. جڏهن ته عدالت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ قائم ڪيل مانيٽرنگ ڪميٽين کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ سول جج جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽين کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري ڪم ۾ مداخلت ۽ ڪنٽرول ڪرڻ کان روڪيندي حڪم ڏنو ته ڪميٽين جي بحالي واري ڪم جي نگراني جون رپورٽون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيون وڃن. سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. شنوائي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ٻوڏ جي قدرتي آفت سان ماڻهن جي زندگي متاثر ٿي آهي. سنڌ حڪومت ڪميٽين جي قيام کي ايگزيڪيوٽو جي رليف آپريشن ۾ مداخلت سمجهي ٿي، ڌرين کي نوٽيس ڏيون ٿا. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ به چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هاءِ ڪورٽ بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ حڪم جاري ڪيو، جيڪڏهن ايندڙ شنوائي تي مناسب ٿيو ته اسٽي آرڊر به ڏنو ويندو. جنهن بعد عدالت ڪيس جي شنوائي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۽ لاڙڪاڻي بينچ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ بحالي واري ڪم جي نگراني لاءِ ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون هيون، سنڌ حڪومت عبوري حڪم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button