اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ماستري گهٽ آمدني وارو پيشو ٿي ويو،ماهر استادن جي کوٽ آهي:اي ڊي بي

اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي تعليمي نظام بابت خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان جي تعليمي نظام تي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ تدريسي ميدان ۾ مسئلن جو احاطو ڪيو ويو آهي. اي ڊي بي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ تدريس هڪ ڏکيو پيشو آهي، استاد بڻجڻ پاڪستان ۾ گهٽ آمدني وارو پيشو بڻجي ويو آهي. استادن کي پنهنجي اباڻي علائقي ۾ تدريس جا موقعا نٿا ملن، کين روزگار لاءِ ڏورانهن علائقن ۾ وڃڻو ٿو پئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ لاڳاپيل مضمونن جي ماهر استادن جي کوٽ آهي. ماهر استادن جي کوٽ سبب ٻار اسڪول ڇڏي رهيا آهن، ڪيترائي استاد اهي مضمون به پڙهائيندا آهن، جن تي کين مهارت آهي. اي ڊي بي چيو آهي ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ ماهر استادن جو انگ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين گهٽ آهي. رياضي، انگريزي، سائنس جا استاد تمام گهٽ آهن. رپورٽ موجب سنڌ ۾ استادن جي غير حاضري جون شڪايتون موجود آهن، اتي استادن جي حاضري بائيو ميٽرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button