سنڌ

ڪراچي ۾ ماستري جي اميدوارن جو احتجاج،چڪريون،ڪيترائي گرفتار

ڪراچي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 مارڪن تي پاس قرار ڏيڻ لاءِ اميدوارن پاران احتجاج جاري آھي، چڪريون ۽ گرفتاريون ٿيون آھن. آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 مارڪن تي پاس قرار ڏيڻ لاءِ اميدوارن جو احتجاج جاري آھي، احتجاج ۾ وڏو انگ عورتن جو پڻ آھي، سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پوليس مظاهرين کي ريڊزون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو، ڪيترائي اميدوار گرفتار ڪيا ويا، مظاهرين اکين تي پٽيون، هٿن ۾ زنجيرون ۽ ڳچيءَ ۾ سُڪل مانيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. هنن مطالبو ڪيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڪري آفر آرڊر ڏنا وڃن، گرفتار مظاھرين کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button