سنڌ

رليف ڪيمپن مان وڌيڪ 1800 ماڻهو گهر منتقل ٿيا آهن:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 38250 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. مجموعي طور تي 1322603 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن. پنهنجي جاري هڪ پريس بيان ۾ هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ مطابق متاثرن ۾ وڌيڪ 13010 خيما، 35640 ترپال، 36000 مڇردانيون، 2400 ڍورن جون مڇردانيون، 24000 سولر لائٽس ۽ 3000 جيري ڪينس ورهايا ويا آهن. ھیينئر تائين متاثرن کي 462808 خيما، 488778 پلاسٽڪ ترپال، 2898008 مڇردانيون، 791178 ليٽر منرل واٽر، 65837 جيري ڪينس، 26916 مال جون مڇردانيون، 87833 تيار ٿيل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برسات جي سبب 760 جانين جو نقصان ٿيو آهي ۽ 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. تازي برساتن سبب 435782 جانور مري چڪا آهن. هن چيو ته مجموعي طور تي 2318365 خاندان متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 7383023 ماڻهو بي گهر ٿيا آهي. صوبائي وزير چيو ته رليف ڪيمپن مان وڌيڪ 1800 ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. هن وقت رليف ڪيمپن ۾ 352718 متاثر ترسيل آهن. جن کي ٻن وقتن جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ سنڌ جي بيراجن تي پاڻي جي صورتحال بابت ٻڌايو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 59900 ڪيوسڪ ۽ اخراج 48600 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 46400 ڪيوسڪ ۽ اخراج 35600 ڪيوسڪ آهي.، جڏهن ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي آمد 102500 ڪيوسڪ ۽ اخراج 72700 ڪيوسڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button