سنڌ

ٻوڏ متاثر اسڪولن کي بحال ڪرڻ ۾ 2 کان 3 سال لڳندا:سردار شاهه

سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه سان ورلڊ بينڪ جي وفد ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اڪبر لغاري، سي پي ايم آر ايس يو ڊاڪٽر جنيد حامد سمون، پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر نويد لاڙڪ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. عالمي بينڪ جي ٽاسڪ ٽيم ليڊر فار ايجوڪيشن شهرام پاڪسيما جي اڳواڻي ۾ 5 رڪني وفد تعليم واري وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. سنڌ جي تعليم واري وزير عالمي مالياتي بئنڪ جي وفد کي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ٻوڏ واري صورتحال سبب سنڌ ۾ 2 ڏهائي 5 ملين ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آهي. برساتن ۽ ٻوڏ سبب اسڪولن جون عمارتون ڪمزورٿي ويون آهن. ڪمزور عمارتن ۾ تدريسي علم کي بحال ڪرڻ ڏکيو فيصلو هوندو. هن چيو ته تدريسي عمل دوران ٻارن جي تحفظ واري پھلو کي نظرانداز نٿوڪري سگهجي. صوبائي وزير چيو ته اسان کي هن وقت 15 هزار ٽينٽس جي ضرورت آهي ته جيئن تعليمي سلسلي کي برقرار رکي سگھجي، ڇاڪاڻ ته اسان ٻارن کي ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ ڪمزور عمارتن ۾ نٿا ويهاري سگهون. جڏهن ته في الحال عارضي حل طور ٽينٽ ڪلاس قائم ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ڪجهه اسڪولن جي عمارتن کي ضروري مرمت بعد استعمال لائق بڻائي سگهجي ٿو پر سمورن اسڪولن کي بحال ڪرڻ ۾ ٻه کان ٽي سال لڳندا. سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير اسڪولن جي بحاليءَ لاءِ عالمي ادارن جي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته صوبائي حڪومت پنهنجي محدود وسيلن سان معمولي مرمت ۽ بحالي وارو ڪم ته ڪري سگهي ٿي پر مڪمل طور تباهه ٿيل اسڪولن جي ٻيهر تعمير لاءِ سهڪار جي ضرورت پوندي. ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي وفد صوبائي تعليم واري وزير کي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. ورلڊ بئنڪ جي تعليم بابت ٽاسڪ ٽيم ليڊر شهرام پاڪسيما چيو ته فلڊ ريسپانس جي صورت ۾ ٿيندڙ سروي جي بنياد تي آخري تجويزون مرتب ڪيون وينديون. وفد ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بيس لائين سروي تحت 800 اسڪولن مان ضروري بحاليءَ لاءِ حتمي تجويز ڪيل اسڪولن جي چونڊ ڪرڻ کانپوءِ ورلڊ بئنڪ “گلوبل پارٽنرشپ فار ايجوڪيشن” تحت اسڪولن جي بحاليءَ تي 5 ملين ڊالر خرچ ڪرڻ جو سو چيو آھي. وفد جي ميمبرن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته بحالي واري عمل ۾ اسڪولن جي مرمت، صفائي ۽ فرنيچر جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير اسڪول جي بحالي واري عمل ۾ گرلز اسڪولن جي عمارتن جي مرمت کي اوليت ڏيڻ جي تجويز کي ساراهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button