اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ٿرڪول کي ريلوي لائن سان ڳنڍڻ سان مقامي ڪوئلو استعمال ٿيندو:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهبازشريف ٿرڪول مائنز کي ريلوي لائن سان ڳنڍڻ جي رٿا کي 23 مارچ 2023 تائين مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. جڏهن ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ٿرڪول مائنز کي ريلوي لائن سان ڳنڍڻ جو منصوبو گڏيل سهڪار سان بنائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ ٿرڪول مائنز کي ريلوي لائنز سان ڳنڍڻ تي اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٿرڪول مائنز کي ريلوي لائنس سان ڳنڍڻ سان مقامي ڪوئلو، ڄامشورو، پورٽ قاسم ۽ ملڪ جي ٻين پاور پلانٽس سان گڏوگڏ مقامي صنعت کي به فراهم ڪيو ويندو. ان سان ڪوئلي ۽ ٻارڻ گهرائڻ ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي ناڻو بچي سگهندو. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي ترجيحي بنيادن تي هن منصوبي تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کي مارچ 2023 تائين مڪمل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ اسحاق ڊار، احسن اقبال، خرم دستگير، جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. جڏهن ته خواجا سعد رفيق ۽ سيد مراد علي شاهه وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهبازشريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪندا. وزيراعظم چيو ته گذريل چئن سالن ۾ ملڪ کي وڏو نقصان ڏنو ويو، اسان کي پاڪستان اسپيڊ سان قومي اهميت وارا منصوبا مڪمل ڪرڻا آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڏينهن رات محنت سان پاڪستان جي ترقي جيڪا 2008 کان 2022 تائين روڪي وئي، ان کي بحال ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان گذريل حڪومتي دور ۾ منصوبن جي تڪميل رڪارڊ مدي ۾ ڪئي. وزيراعظم ٻڌايو ته گذريل حڪومت ۾ نوان منصوبا شروع ڪرڻ ته پري هلندڙ منصوبا بند ڪري ملڪ ۽ قوم جو پئسو برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ٿرڪول مائنز تي ريلوي لائن سان ڳنڍڻ سان ٻاهران گهرايل ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلو استعمال ٿيندو. وزيراعطم چيو ته ٿر جو ڪوئلو بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيڻ سان 2 ارب ڊالر ساليانيو کان وڌيڪ، بجلي گهرن جي ٻارڻ جي گهرائڻ جي مد ۾ بچي سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button