
لاهور جي احتساب عدالت آشيانا اقبال ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست جو ٻن صفحن تي مشتمل لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. لکت واري حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته شهباز شريف کي وزيراعظم جي حيثيت ۾ پنهنجون آئيني ۽ سرڪاري ذميواريون نڀائڻيون آهن، اها به حقيقت آهي ته جوابدار 2021ع کان مسلسل عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي، شهباز شريف جي پيش نه ٿيڻ سان ٽرائل متاثر نه ٿيندو. حڪم ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته شهباز شريف پنهنجي جا تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لا نمائندو مقرر ڪيو آهي، ايڊووڪيٽ انور حسين وزيراعظم شهباز شريف جي نمائندي طور عدالت ۾ پيش ٿيندو، شهباز شريف جي حاضري کان مستقل معافي واري درخواست منظور ڪئي وڃي ٿي پر عدالت جي طلب ڪرڻ تي شهباز شريف پيش ٿيڻ جو پابند هوندو.