پاڪستان

صحت جي عالمي اداري ٻوڏ وارن علائقن ۾ هيلٿ ايمرجنسي جي اپيل ڪري ڇڏي

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي مرض ڦهلجڻ تي هيلٿ ايمرجنسي جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي متاثر ٿيل علائقن ۾ ٻوڏ سبب وبائي صورتحال آهي، پاڪستان ۾ 82 لک ماڻهن کي هن وقت صحت جي شعبي ۾ مدد جي اشد ضرورت آهي، متاثر ٿيل علائقن ۾ صحت جي دستياب سهولتن جو 10 سيڪڙو حصو تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ڄاڻايل علائقن ۾ بيمارين سان گڏوگڏ ٻار غذائي کوٽ جي چئلينج کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڊبليو ايڇ او مطابق هينئر کان مئي 2023ع تائين 8 ڪروڙ 15 لک ڊالرن جي ضرورت هوندي، جڏهن ته متاثر ٿيل 32 ضلعن ۾ ترت مدد جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button