پاڪستان

مريم نواز کي والد جي سڪ، پاسپورٽ ملندي ئي لنڊن رواني

مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز پاسپورٽ هٿ ۾ ايندي ئي لنڊن رواني ٿي وئي، جتي هن جو هڪ مهيني تائين رهڻ جو ارادو آهي، مريم جو پنهنجي والد نواز شريف سان گڏ پاڪستان واپس اچڻ جو پڻ امڪان ڏيکاريو پيو وڃي. تفصيل موجب نواز ليگ جي اهم اڳواڻ مريم نواز عدالتي حڪم تي پاسپورٽ واپس ملڻ بعد لاهور ايئرپورٽ تان نواز شريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان ۽ پنهنجي ذاتي ملازمه سان گڏ خانگي ايئر لائين جي اُڏام ذريعي دوحا رستي لنڊن رواني ٿي وئي. مريم نواز هوائي اڏي پهچڻ کان اڳ ڏاڏي، ڏاڏيءَ ۽ والده جي قبرن تي فاتحا پڻ پڙهي. شريف خاندان جي ويجهن ذريعن مطابق مريم نواز اٽڪل هڪ مهينو لنڊن ۾ ترسندي جنهن بعد پنهنجي پيءَ نواز شريف سان گڏ ڏيهه واپسي جو امڪان آهي. مريم نواز لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان جهاز جي اڏام ڀرڻ جو انتظار ڪري رهي آهيان ۽ بيچين آهيان ته ڪڏهن پنهنجي والد سان ملاقات ڪنديس. پنهنجي بيان ۾ هن چيو هو ته مون کان هاڻي انتظار نٿو ٿئي ته ڪڏهن جهاز لينڊ ڪندو ۽ ڪڏهن مان پنهنجي پي سان ملندس، والد سان ملڻ لاءِ بي قرار آهيان ۽ پنهنجا احساس بيان نٿي ڪري سگهان. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جو رستو صاف آهي، هاڻي عدالت ۾ درخواست ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم چيو ته عمران خان جو گهيرو تنگ ٿئي ٿو ته هو معافي وٺي ڇڏي ٿو، ايوان صدر ۾ ڳجهيون ملاقاتون ڪندڙ اين آر او گهري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button