پاڪستان

ڪهڙو به آرمي چيف اچي، مون کي ڪو فرق نٿو پوي: عمران خان

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، فوجي سپهه سالار جي عهدي تي ڀلي ڪنهن به شخص کي مقرر ڪيو وڃي، ان سان مون کي ڪو به فرق نٿو پوي، حقيقي آزادي جي تحريڪ جو جلد اعلان ڪندس، هي اليڪشن کان اڳ منهنجي آخري ڪال هوندي. لاهور ۾ صحافين سان ملاقات ۽ پنجاب جي مختلف ڊويزنن جي پارٽي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هي پنهنجي مرضي جو آرمي چيف آڻڻ چاهين ٿا، هي ته سيڪيورٽي ٿريٽ آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ڏوهاري شخص آرمي چيف جو فيصلو ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ هنن کي پنهنجي ڪرپشن جو ڊپ آهي جڏهن ته مون کي ڪنهن به ڳالهه جو خوف ناهي، سائفر ڪٿي چوري ناهي ٿيو پر ان جي ماسٽر ڪاپي پرڏيهي وزارت جي آفيس ۾ هوندي آهي، شڪر جو هنن سائفر کي مڃي ورتو آهي، جيڪڏهن انڪوائري ڪميٽي مون کي گهرايو ته سڀ کان پهرين کانئن اهو پڇندس ته ڊونلڊ لو ڪنهن کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو ۽ پو کين اين آر او ڏنو ويو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته لانگ مارچ جي تاريخ ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس، هر شئي رڪارڊ تي هوندي آهي، تاريخ في الحال مون پاڻ تائين رکي آهي، مون پنهنجي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي به ان بابت ناهي ٻڌايو، مون کي ته 16 آڪٽوبر پري لڳي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته ضمني چونڊن جي نوبت ئي نه اچي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جانبدار آهي، جيڪو مون کي انهن سان گڏجي توشا خانا ڪيس ۾ نااهل ڪرائڻ چاهي ٿو، مون ڪو به غير قانوني ڪم ناهي ڪيو، جڏهن ته نواز شريف ۽ زرداري غير قانوني طور تي گاڏيون ورتيون، توشا خانا ۾ هي قيمتي گاڏيون وٺي نه پئي سگهيا پر اهي گهر کڻي ويا. عمران خان وڌيڪ چيو ته هر ڪم ڳالهين سان ٿي سگهي ٿو، آخر ۾ ته ڳالهيون سان ئي ڳالهيون طئي ٿينديون آهن، هنن نيب چيئرمين پنهنجي مرضي جو لڳايو ۽ ٻين ادارن جا سربراهه به پنهنجي مرضي جا لڳائڻ چاهين ٿا، اليڪشن ڪميشن هينئر جيترو جانبدار آهي، اوترو ڪڏهن به ناهي ڏٺو. هڪ سوال جي جواب ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته گهرو وزير راڻا ثنا الله ٺلهيون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هو لانگ مارچ کي ڪيئن روڪيندو، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد جي چئني پاسن کان پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ اسان جون حڪومتون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button