پاڪستان

فوج سياست کان پري ئي رهندي، مقرر وقت تي عهدو ڇڏي ڏيندس:آرمي چيف

آرمي چيف قمر جاويد باجوا پنهنجو ٻيو ٽن سالن وارو مدو پورو ٿيڻ تي عهدي تان رٽائر ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، آرمي چيف جنرل يقين ڏياريو آهي ته پاڪ فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري ورتو آهي ۽ پري ئي رهندي، ٻن مهينن بعد پنهنجو 3 ورهين وارو ٻيو مدو پورو ٿيڻ تي عهدو ڇڏي ڏيندس ۽ جيڪو واعدو ڪيو هو ان تي عمل ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڏنل مانجهاندي جي موقعي تي ڪيو. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته جنرل قمر جاويد باجوا مانجهاندي کان اڳ ۾ خطاب ڪيو ۽ بعد ۾ مهمانن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. آرمي چيف چيو ته هٿياربند فوج جو سياست ۾ ڪو به ڪردار ناهي، فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آهي ۽ پري ئي رهڻ چاهي ٿي، ملازمت وارو مدو پورو ٿيڻ بعد پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندس. آرمي چيف قوم کي يادگيري ڏياريندي چيو ته ملڪ جي ڪمزور معيشت کي بحال ڪرڻ معاشري جي سڀني طبقن جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مضبوط معيشت کانسوا قوم پنهنجا هدف حاصل نه ڪري سگهندي. آرمي چيف وڏي انگ ۾ موجود پاڪستاني سفيرن کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مضبوط معيشت کانسوا سفارتڪاري به نٿي ٿي سگهي. هن آمريڪي اختيارين جو حمايت ڪرڻ تي ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا اسان جي عالمي ڀائيوارن جي مدد انتهائي ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button