سنڌ

ڏوڪري ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لائي وارثن جو احتجاج

ڏوڪري مان مبينا کنڀجي ويل پٽ جي آزادي لاءِ پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي ماءُ احتجاج ڪيو. ڏوڪري واسي 25 ورهين جو نوجوان جميل شيخ هڪ هفتو اڳ ڄامشوري مان مبينا طور کنڀجي ويو هو، نوجوان جي ما وزيران خاتون، پڦي زينب ۽ زرينا خاتون معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. نوجوان جي ما وزيران خاتون دانهيندي چيو ته منهنجو پٽ بيروزگاري سبب ٻاهر ڪمائڻ لاءِ ويل هو جيڪو دادا ڀائي پل ويجهو چوڪيداري ڪندو هو، جنهن کي هفتو اڳ ڄامشورو پوليس جي مدد سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار کنڀي ويگو گاڏي ۾ کڻي ويا، جنهن بعد ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، هن جو چوڻ هو ته منهنجو مڙس فوت ٿي ويو آهي، مان بيواهه عورت آهيان ۽ منهنجو هڪ ئي سهارو اهو نوجوان پٽ آهي. هن آرمي چيف ۽ چيف جسٽس سميت ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي ته پاڪ ڪتاب جي صدقي منهنجي پٽ کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button