سنڌ

ميرو خان ۾ ڳوٺاڻن جو واهر نه ٿيڻ خلاف اي سي آفيس اڳيان مظاهرو

ميروخان ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ناهيد ميراڻي خلاف ڳوٺاڻن عرض محمد کوسو، لياقت لاشاري ،محمد خاصخيلي ،صدام گوپانگ، عبدالغنی لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي اي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.هنن دانهيندي چيو ته گهرن ۽ فصلن سميت سڀ ڪجهه ٻڏي تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ڪري دربدري واري زندگي گذاريون پيا. هڪ مهيني کان اي سي آفيس جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر اڃا تائين ڪجهه به ناهي مليو. هنن الزام هنيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر وڏيرن جي فون تي من پسند ماڻهن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏيئي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر کي هٽائي امداد سامان ڏيئي واهر ڪئي وڃي. ٻئي طرف اي سي ناهيد ميراڻي ٻڌايو ته ڊي سي جي حڪم تي متاثرن کان درخواستون وٺي تپيدارن کي ويريفائي ڪرڻ لا ڏنيون آهن، جيئن ئي ويريفڪيشن تٿي ويندي ته متاثرن کي امدادي سامان ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button