سنڌ

”پٽ جا قاتل گرفتار ڪريو“ باقراڻي واسي پيرسن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي جي ڳوٺ اسحاق کونهارو جي رهواسي پيرسن صوفي فقير 15 سال اڳ قتل ٿيل پٽ جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پيرسن صوفي فقير علي محمد ابڙو دانهيندي چيو ته سال 2007ع ۾ منهنجي نوجوان پٽ اڪبر علي ابڙو کي خيرپور جي ڳوٺ ملان صالح جي رهواسي بااثر جوابدارن عبدالرزاق موجائي سندس سئوٽ الھ ڏنو موجائي ۽ ٻين سڱاوتي معاملي تان قتل ڪيو هخ، جنهن جي قتل جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، پر 15 سال گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس ڳري رشوت وٺي پٽ جو خون لوڙهي ڇڏيو آهي، انصاف لاءِ در در ڀٽڪڻ سان گڏ مسلسل احتجاج ڪري رهيو آهيان، پر هن وقت تائين مونکي انصاف نه ملي سگهيو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button