سنڌ

مدئجي ڪچي ۾ هٿياربندن جي ڪاهه، 50 ٻڪريون ڦر، چوڪيدار اغوا

مدئجي جي ڪچي واري علائقي 20 ميل ٿاڻي جي حد ۾ دل برادري جي سردار نصر اللہ دل جي اوطاق تي هٿياربندن ڪاهه ڪري چوڪيدارن کي يرغمال بڻائي 50 کان وڌيڪ ٻڪريون ڦري چوڪيدار سليمان پٽ قاسم دل کي مبينا طور اغوا ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع بعد دل برادري جي ماڻهن نئون امروٽ بس اسٽاپ سکر-لاڙڪاڻي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي گل حسن دل، الله ڏنو، سبحان علي، صدرالدين جوڻيجو، آصف ميراڻي، علي شير ناريجو ۽ ٻين چيو ته اسان جي سردار جي زمين تان هفتي اندر چوري ۽ ڦر جي ٽين واردات آهي. گذريل رات به نامعلوم هٿياربندن اوطاق تي چڙهائي ڪري ٻڪريون ڦرڻ بعد چوڪيدار کي به اغوا ڪري ويا آهن. جڏهن ته حد ٿاڻي 20 ميل پوليس کي اطلاع باوجود پوليس ڪو قدم نه کنيو آهي، مجبور ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪندي روڊ تي ڌرڻو هنيو آهي. هنن چيو ته اڳ به ساڳئي بيٺڪ تان چوري ۽ ڦر جون وارداتون ٿينديون رهيون آهن پر پوليس ان سلسلي ۾ ڪو تعاون نه پئي ڪري، پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻجي هٿ تي هٿ رکي ٿاڻي تائين محدود آهي. هنن چيو ته ڦر ڪيل مال ۽ مغوي چوڪيدارن کي جلد بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي, جيڪڏهن ايس ايڇ او 20 ميل ٽن ڏينهن اندر ٻڪريون ۽ ماڻهو نه ڇڏايو ته ايس ايس پي آفيس جو گهيرا ڪري مظاهرو ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري رياست هوندي، هوڏانهن ايس ايڇ او امروٽ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.ايس ايڇ او نئون امروٽ مير حسن بلو چيو ته مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو آهي، جلد ڏوهي واردات ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button