سنڌ

مدئجي ويجهو 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان جو لاش مليو

مدئجي ويجهو 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان جو لاش مليو. ڳوٺ علي محمد ڪيهر جي وانڍ ۾ 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان وزير پٽ عثمان ڪيهر جو لاش ڳوٺ ڀرسان رائيس ڪئنال ۾ لاش لڙهندو ڏسي ڳوٺاڻن وارثن کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد وارثن ۽ ڳوٺاڻن پهچي ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش پاڻي مان ڪڍيو جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. فوتي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان گذريل ڏينهن صبح سوير مڇي مارڻ لا ويو جيڪو واپس گهر نه موٽيو، جنهن جي گهڻي ڳولا ڪرڻ بعد لاش ڳوٺ ڀرسان رائيس ڪئنال مان مليو. هوڏانهن اهڙي واقعي کانپوءِ ڳوٺ ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي. هوڏانهن واقعي بابت رابطو ڪرڻ تي حد جي پوليس واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته واقعي جو اطلاع مليو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button