سنڌ

وارهه ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

وارهه ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن گاجي بخش چولياڻي، رياض چولياڻي، شھزادو چولياڻي، حاجن چولياڻي ۽ ڪامريڊ مظھر ڇٽو جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته گذريل ٻن مهينن کان دربدر آھيون هن وقت به سرڪاري عمارتن ۾ ويٺل آھيون. پاڻي ڳوٺ ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيا، چوپايو مال بک وگهي مري ويو، ساريالو فصل تباهه ٿي ويو آهي پر هن وقت تائين اسان کي راشن ناهي ڏنو ويو. اهڙي شڪايت ۽ متاثرن جي لسٽ ٺاهي سول جج وارهه وٽ وياسين ته جج اسان جي لسٽ پڙھڻ بعد چيو ته اوهان جا 30 راشن باڪس ۽ ٻيو سامان پ پ اڳواڻ عبدالمجيد چولياڻي وٺي ويو آھي. ان سان رابطو ڪريو, جڏھن عبدالمجيد ڏانهن وياسين ته هو چئي پيو ته مونکي پارٽي پاران منهجي هارين لا راشن مليو آھي. ان کان اڳ تپيدار غلام مصطفى کٽياڻ ۽ عبدالمجيد چولياڻي ملي ڀڳت ڪري ووٽر لسٽن مان نالا لکي هڪ سئو راشن باڪس وٺي دوڪاندار ياسين ٻگهيو کي وڪرو ڪري ڏنا آھن، جيڪو سامان هن وقت به ياسين ٻگهيو جي دوڪان تي پيل آھي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي متاثرن جي نالن تي راشن وٺي هڙپ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. راشن ۽ ٻيو سامان ڏئي مالي سهائتا ڪئي وڃي ۽ ڳوٺن مان پاڻي فوري نيڪال ڪرايو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button