سنڌ

نصيرآباد ۾صحافي ممتاز لنجواڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

نصيرآباد پريس ڪلب جي صدر ۽ صحافي ممتاز لنجواڻي مٿان قمبر ٿاڻي تي مبينا طور ناري جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف صحافين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حافظ عاشق ڦلپوٽو، احمد بخش ڏيپر، محمد اڪرم شيخ، الله بخش قريشي، گلشن منگي، رستم علي لغاري، حفيظ شيخ، ذوالفقارمغيري، وحيد باداڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته قمبر پوليس مخالفن کان ڳري رقم وٺي صحافي مٿان ناري جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي ۽ قمبر صدر ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڪرپٽ آھي جيڪو پئسن عيوض ھر بيگناهه مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رھيو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي صحافي مٿان داخل ڪوڙي ڪيس جي انڪوائري ڪري صحافين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button