اسلام آبادپاڪستان

عورت جج ڌمڪي ڪيس ۾ عمران جي ڪچي ضمانت منظور

اسلام آباد :ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عورت جج ڌمڪي بابت ڪيس ۾ عمران خان جي درخواست ضمانت منظور ڪندي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مقامي عدالت ۾ سيشن جج ڪامران بشارت مفتي عورت جج ڌمڪي بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي. عمران خان سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي پي ٽي آئي چيئرمين جو وڪيل بابر اعواڻ روسٽرم تي آيو ۽ درخواست ضمانت بابت عدالت کي ٻڌايو. عدالت مختصر شنوائي کان پوءِ عمران خان جي ڪچي ضمانت 13 آڪٽوبر تائين منظور ڪندي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button