اسلام آبادپاڪستان

عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو:خورشيد شاهه

اسلام آباد : وفاقي وزير خورشيد شاهه موجوده صورتحال ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي رويي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته هن وقت عمران خان جو ڪردار سياستدان وارو نه آهي، ڪنهن صوبي کي حق نٿو پهچي ته هو وفاق تي حملو ڪري. اهڙي سياست ڪرڻي آهي ته پوءِ آئين کي ختم ڪري ڇڏيون جنهن جي هٿ ۾ لٺ هوندي اهو ئي حڪمراني ڪندو. عمران ڪيترائي جلسا ڪري رهيو آهي، قوم کي ساڍن ٽن سالن جو حساب ڇو نٿو ڏي. صحافين سان ڳالهائيندي هن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. هاڻي چوي ٿو ته اسان سمجهي ويا آهيون. جلسن ۾ هي گارگند ڪري ٿو. هڪ سوال تي خورشيد شاهه چيو ته آرمي چيف جي مقرري وزيراعطم جو اختيار آهي، عمران خان جي ڪجهه چوڻ يا نه چوڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. هن چيو ته جڏهن اسان ماضي ۾ ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جا معاهدا ڪيا ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان کي بند ڪرايو ويو پر چائنا، جرمني، آمريڪا ۽ انڊيا ڪوئلي مان بجلي تيار ڪري رهيا هئا، انهن لاءِ قانون ٻيو هو. نظر اهو اچي رهيو آهي ته دنيا به اهو ئي چاهي ٿي ته پاڪستان ترقي نه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button