پاڪستانسنڌ

ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جا ڊي سيز آفيسن آڏو ڌرڻا

حيدرآباد: ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪالهه سنڌ جي 40 شھرن ۾ سياسي، سماجي ۽ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي آفيسن ٻاهران انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ۽ زبردست نعريبازي ڪئي وئي. ڪراچي، جيڪب آباد، سکر، نوابشاهه، گهوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، سيوهڻ شريف، ٺل، دولتپور، قاضي احمد، راڻيپور، گمبٽ ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. حيدرآباد ۾ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي شهباز بلڊنگ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. جنهن ۾ قومپرست ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. خدابخش ٿيٻو، جان محمد جوڻيجو، نذير بليدي، الطاف خاصخيلي، زينت سمون، سميع چانڊيو، انور خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪوٽڙي ۾ آيل ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي ڄامشورو پاران ڊي سي ٽيليگراف ڦاٽڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻ شبير ٻنگ، دريا خان لغاري، يونس اوٺو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ٺٽي ۾ ضلعي جي ھيڊڪوارٽر مڪلي ۾ پبلڪ پارڪ کان ڊي سي آفيس ٺٽو تائين شبير ڀٽي، لياقت ٻارڻ، امجد شورو، جي ايم ڪاتيار، نظر جاکرو ۽ زاهد امير جوکيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. بدين ۾ ڊي پي او چوڪ کان امير آزاد پنهور، سيد حيدر شاھه، ڪامريڊ عثمان بجير، عوامي جهموري پارٽي جي خادم ٽالپر ۽ رستم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. خيرپور ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي، سيد شاڪر علي شاھ، سجاد سولنگي، ايڊووڪيٽ نثار سومرو، نور احمد تنيو ۽ ٻين ڪئي.

هوڏانهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه ڪراچي مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، ٻوڏ سبب ٿيل تباهي جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، سنڌ کي ھٿرادو ٻوڙيو ويو ته جيئن ٻاھرين ملڪن کان امداد ورتي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ اڄ به برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن ۽ حڪومت وٽ پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪا به حڪمت عملي ناهي. سنڌ جي ڪرپٽ حڪومت سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسپتالون ۽ اسڪول تباهه ڪري ڇڏيا آهن. لکين ماڻهو متاثر ۽ بي گھر ٿيا آهن، جيڪي هن وقت دريائن جي ڪنارن ۽ روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، ٻوڏ متاثرن جي بدترين حالت سنڌ حڪومت جي ڪرپشن جي عڪاسي ڪري ٿي. ٻاهران مليل اربين جي امداد ڪٿي خرچ ڪئي وئي، حڪومت کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي، سنڌ جي وزيرن ۽ صلاحڪارن کي ٻوڏ متاثرن جي امداد سان نوازڻ جو عمل شرمناڪ آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي فوري طور تي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪري استعيفى ڏيڻ گھرجي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت جو سنڌ جي اقتدار تي قبضو رهيو ته ايندڙ 50 سالن تائين سنڌ وڌيڪ تباهه ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button