پاڪستانسنڌ

نوشهروفيروز ۾ وڏيري هٿان زخمي نينگر نوابشاهه ۾ فوت، وارثن جو مظاهرو

نوشهروفيروز (ن، سنڌ ايڪسپريس) ٻه ڏينهن اڳ نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ بچل پنھور ۾ وڏيري ھٿان گولي ھڻي زخمي ڪيل نينگر زائر علي نوابشاھه اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. ٻي پاسي نينگر زائر علي جي قتل ۽ ڳوٺاڻي نظام الدين کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس وڏيري اجمل، ھوش محمد پنھور ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن تي داخل ڪيو ويو، پر پوليس اڃا تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي، جنهن خلاف ڳوٺاڻن پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي شھباز پنھور، حبيب الله، عقليما ۽ ٻين چيو ته علائقي جي بااثر وڏيري رستي تي ڌوڙ ٿيڻ تي مڇرجي ٻه ڏينھن اڳ گوليون ھڻي ٻارڙي زائر علي ۽ ڳوٺاڻي نظام الدين کي زخمي ڪيو هو، زخمين مان زائر علي فوت ٿي ويو آهي، پر ٺارو شاهه اڃا تائين وڏيري سميت ٻين جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن اختيارين کان جوابدارن جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button